لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ڊرائيور ليبر يونين طرفان ايل پي جي گئس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف رڪشا بيهاري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ظفر شاھه، انور جتوئي، امير جاگيراڻي، فياض ڀٽو، فهد علي ۽ ٻين چيو ته گئس جا ڊيلر هٿرادو طور اگهه وڌائي 260 روپيا في ڪلو بجاءِ 300 روپيا وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ايل پي جي گئس جي في ڪلو قيمت 260 رپيا آهي، هنن چيو ته اڳ ۾ ئي مهانگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهر، مٿان وري ايل پي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اگهه وڌائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.