لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻاي تي چئن سالن کان ڊيوٽي ڪندڙ رتوديرو واسي پيرسن پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو نوڪري تان رٽائر نه ڪرڻ واري معاملي تان ٿاڻي جي واش روم ۾ پاڻ کي بند ڪري مٿي تي پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، اهلڪار جي رڙين تي ٿاڻي تي موجود اهلڪارن واش روم جو در ڀڃي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس 50 سيڪڙو جسم سڙڻ جي تصديق ڪندي کيس طبي امداد ڏني، خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار محمد يعقوب دايو ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ٽي مهينا اڳ مون ايس ايس پي آفيس وارن کي پنهنجي رٽائرمينٽ جي درخواست ڏيڻ سان گڏ کين پئسا به ڏنا هئا پر ان جي باوجود مون کي روزانو ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽرايا ويندا هئا جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس آفيس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سڄي عملي کي ضلعي بدر ڪرڻ سبب منهنجي درخواست تي ڪو به عمل نه ٿيو ۽ نه ئي مون کي رٽائرڊ ڪيو ويو، جنهن ڪري مون مايوس ٿي اهڙو قدم کنيو آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته رشوت خور عملي خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ منهنجي رٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي، ٻئي پاسي اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سول لائين، ايس ايچ او الهه آباد ۽ ايس ايس پي آفيس جي سروس شيٽ ڪلارڪ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ايس ايس پي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار محمد يعقوب دايو جي عيادت پڻ ڪئي ۽ مسئلو معلوم ڪيو.