لاڙڪاڻو(رپورٽ :شاھ محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي ۾اڳوڻي پ پ سرڪار شهر جي مُک روڊن جي نئين سر مرمت توڙي ڳتيل آبادين ۽ ٻين روڊن تي پيور بلاڪ هڻائي انهن کي ويڪرو ڪرايو، ضلعي انتظاميه ۽ سيپڪو اختيارين جي نااهليءَ سبب شهر جي اڪثر روڊن تي وچ ۾ بجليءَ جا ٿنڀا لڳل آهن، جن کي نه هٽائڻ سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، شهرين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته روڊ حادثا به معمول بڻجي ويا آهن . سياسي سماجي اڳواڻن سهيل احمد، عبدالصمد، توصيف علي، آصف علي جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته شھر ۾ اڳوڻي سنڌ سرڪار روڊ ته ويڪرا ڪرايا آهن پر روڊن تي لڳل بجلي جا ٿنڀا ناهن هٽايا ان ڪري روڊ ويڪرا ٿيڻ جو ڪو به فائدو ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري  روڊن تي اڪثر ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري اسڪول، آفيس سميت اسان شهرين کي ڪم ڪار سانگهي شهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته بجلي جا ٿنڀا  وچ روڊ تي هئڻ ڪري دڪاندار واپاري حددخليون پڻ ڪري ڇڏيون آهن جنهن جو پڻ اهو سبب آهي جو ٽريفڪ جام ٿيڻ جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي لاڙڪاڻي ۾ نئين مقرري ٿي آهي ان لاءِ لاڳاپيل عملدارن توڙي سيپڪو اختيارين سان رابطو ڪري جتي بجليءَ جا ٿنڀا لڳل آهن انهن کي وچ روڊن رستن تان هٽائي لڳايو ويندو جيئن شهرين کي مشڪلاتون پيش نه اچن. ٻئي طرف سپيڪو سرڪل لاڙڪاڻو جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مظفر حسين کهاوڙ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو 2019-20 ۾ لاڙڪاڻي جي بيوٽيفڪيشن تحت شهر جي مُک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار سميت ٻين هنڌن تي هلندڙ ترقياتي ڪمن دوران ڪافي بجليءَ جا ٿنڀا لڳل هئا جيڪي ان وقت هٽايا ويا هئا جيڪڏهن هاڻي به روڊن تي جيڪڏهن بجلي جا ٿنڀا لڳل آهن ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي حڪم تي انهن کي هٽايو ويندو.