لاڙڪاڻو/باقراڻي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف “درياهه بچايو پيادل مارچ” لاڙڪاڻو – خيرپور پل کان ڪيو ويو، جنهن ۾ جونيئر ذوالفقار خصوصي طور شرڪت ڪري عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سينگار نوناري، فوزيه سينگار، خان غفار خان ۽ ٻين سان گڏجي سنڌو درياهه تي گل نڇارو ڪري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڳالهائيندي چيو ته اسان ڄائي ڄم کان سنڌو درياهه جا عاشق آهيون، جلاوطني دوران اسان دمشق ۾ رهندا هئاسين ته اتي منهنجي بابا جي آفيس ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي بوتل ۽ سنڌو درياهه جي مٽي پيل هوندي هئي، تنهن ڪري اسان جي رڳن ۾ سنڌو درياهه لاءِ ننڍپڻ کان پيار آهي. هن چيو ته اڄ سنڌو درياهه کي خطرو آهي مان بلڪل سنڌو درياهه جي حقن لاءِ ويڙهه ڪندس، مان ڪامريڊ بخشل ٿلهو سان گڏ آهيان ۽ شهيد ڀٽو جا ڪارڪن به سنڌو درياهه کي بچائڻ ۾ هن جدوجهد ۽ تحريڪ ۾ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي گڏ هوندا. هن چيو ته سنڌو درياهه بيشڪ اسان جو تاريخي ورثو آهي ۽ اسين به سنڌو درياهه مان آهيون، سنڌو درياهه نه صرف سنڌ جو سڀ ڪجهه پر پاڪستان جو سڀ ڪجهه آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي چئن صوبن جو دارومدار سنڌو درياهه تي آهي، خاص طور سنڌ جي عوام جي لاءِ هي سنڌو درياهه واحد درياهه آهي ۽ اسين سنڌو درياهه جي هيٺائين تي آهيون. هن چيو ته سنڌو درياهه قديمي ۽ مقدس درياهه آهي، اسان جي وڏڙن جو به دارومدار هن ئي سنڌو درياهه تي هيو، جنهن جو ثبوت موهن جو دڙو آهي، اسان جون جيڪي به ريتون رسمون ۽ ثقافت آهن اهي سڀ سنڌو درياهه سان سلهاڙيل آهن. هن چيو ته اسان جو نئون نسل ڏسي رهيو آهي ته سنڌو درياهه ختم ٿيڻ ڏانهن گامزن آهي تنهن ڪري اسان سڀني کي گڏجي سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان جي قديمي درياهه کي بچايون. ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري، خان غفار خان، ڪمال جنبلات، فوزيه سينگار، ڪامريڊ بختاور ۽ ٻين چيو ته درياهه بچايو پيادل مارچ جو مقصد سنڌو درياهه جي استحصال ۽ تباهيءَ خلاف آواز اٿارڻ آهي. هي پرامن مارچ سنڌو درياهه کي گلن جي ورکا ۽ سلامي ڏئي شروع ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙو ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون سنڌ جي عوام لاءِ ناقابل قبول آهن. اھڙي قسم جون تبديليون درياھ جي ماحولياتي نظام کي نقصان پهچائينديون، پاڻيءَ جي دستيابيءَ کي متاثر ڪنديون، ۽ درياھ تي دارومدار رکندڙ عوام جي زندگيءَ تي ناڪاري اثر ڇڏينديون. مارچ ۾ شامل ماڻهن اپيل ڪئي ته سنڌو درياھ جي ماحولياتي اهميت جو احترام ڪيو وڃي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن، جيڪي سنڌ جي عوام جي زندگي ۽ دريائي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي ٿيندڙ ڌاڙو هڻڻ بند ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واپس وٺي سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي اڏاوت وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. پيادل مارچ ۾ مختلف شھرن توڙي ٻهراڙين جي سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي.