لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد انور عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ آفيسر جي ايم جهنجهڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل عملي ۽ پوليس سان گڏجي شهر جي شيخ زيد ڪالوني، ايوب ڪالوني ۽ قمبر روڊ تي حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ عملي هيوي مشينري سان غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون. آپريشن دوران سروڊ تي مٽيريل رکي ريڙها بيهاري ٽريفڪ رواني ۾ رخنو وجهندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي سامان ضبط ڪيو ويو.ان حوالي سان ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد انور عباسي جو چوڻ هو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.