لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جسقم ۽ جساف طرفان سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف لاهوري محلي روڊ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اطهر سومرو، عزيز الرحمان شيخ ۽ ٻين چيو ته سيپڪو عملدارن جو ڏينهون ڏينهن زيادتيون وڌنديون پيون وڃن، ماڻهن کان مهيني ۾ منٿلي ورتي پئي وڃي، هنن چيو ته شهرين مٿان ايف آءِ آر ڪاٽي ٿاڻي تي وٺي تذليل ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل برداشت جوڳو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.