لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي جي صوبائي سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني جي نگرانيءَ ۾ پهريون ڀيرو تائي ڪوانڊو ڪامپيٽيشن اينڊ اويئرنيس پروگرام اِن ملٽي ميڊيا جي سِري هيٺ اسڪولي ٻارن کي تائي ڪوانڊو جي تربيت ڏيڻ لاءِ سيشن ٿيو جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي سچل پبلڪ اسڪول، آءِ بي اي پبلڪ اسڪول، الائيڊ پبلڪ اسڪول، زيبسٽ اسڪول سميت 6 کان وڌيڪ اسڪول جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي جن کي ٽيڪنيڪل آفيشل ۽ سيڪريٽري تائي ڪوانڊو لاڙڪاڻو آفتاب احمد بليدي طرفان تائي ڪوانڊو جي تربيت ڏني وئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي طرفان تائي ڪوانڊو ڪمپيٽيشن اينڊ اويئرنيس پروگرام ان ملٽي ميڊيا ڪرايو ويو آهي جنهن جو مقصد اسڪول ٻارن کي تائي ڪوانڊو جي تربيت ڏيڻ آهي ته جيئن تائي ڪوانڊو جي تربيت حاصل ڪندڙ نه صرف صوبائي ۽ ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ تائي ڪوانڊو راندين ۾ حصو وٺي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن. تربيتي سيشن جي آخر ۾ مهمان خاص پرنسپل الائيڊ اسڪول ڪسوا ڪئمپس لاڙڪاڻو عبدالحميد شيخ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن انيلا ابڙو، ڊاڪٽر بينش چانڊيو، وقار مغيري ۽ ٻين تائي ڪوانڊو تربيتي سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف اسڪولن جي ٻارن ۾ ٽرافيون، مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائي کين مبارڪباد ڏني.
ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪري کين ڀليڪار ڪيو.