لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نيو نظر پاڙي ۾ ڏينهن ڏٺي جو گهر ڀاتين جي غيرموجودگيءَ ۾ چورن شھيد فوجي جوان جي بيواهه روزينا ابڙو جي گهر جا تالا ٽوڙي لکين رپيا ماليت سونا زيور، لکين رپيا روڪ رقم، سيونگ سرٽيفيڪيٽ سميت ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي،متاثر بيواهه عورت جي ڏير طفيل ابڙو ٻڌايو ته گذريل ڏينهن امڙ جي طبيعت خراب هجڻ تي اسين سڀ گهر ڀاتي سکر خانگي اسپتال وياسين ته پٺيان گهر مان 15 تولا سونا زيور، 10 لک کان وڌيڪ روڪ رقم، 45 لکن رپين جا سيونگ سرٽيفڪيٽ سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ٿي ويو.هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.