لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي تاريخ ۽ ناليوارن شخصيتن تي لکيل تاريخي ڪتاب “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” جي ليکڪ، ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي آفيسر ۽ ميونسپل ايمپلائيز يونين جي باني 84 ورهين جي پيرسن گل محمد گاد انتهائي بيماري حالت ۾ ڪٽنب سميت ڪار ۾ چڙهي پريس ڪلب پهچي سنڌو درياهه مٿان 6 تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي هن پنهنجي پٽن ڊاڪٽر تنوير گاد، ڊاڪٽر آصف علي گاد، ننهن ڊاڪٽر پرهه سيڪينه گاد ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته سنڌو درياهه اسان لاءِ قدرت جي عطا ڪيل وڏي نعمت آهي، جنهن تي اسان سنڌين جو حق آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي انگريزن جي دور کان وٺي قبضي جون ڪوششون ٿينديون پيون اچن، ھاڻي پنجاب نوان ڪئنال ٺاهڻ جي آڙ ۾ ان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، مشڪل ضرور آهي پر سنڌين کي ڪئنالن خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي.