لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻي ۾ برسات بعد شوبز سان لاڳاپيل ماڻهو به متاثر بڻجي ويا، سنڌ جو مشهور فنڪار فدا حسين جتوئي گهر پاڻيءَ هيٺ اچڻ ڪري ٻچن سميت سم نالي جي ڪڙ تي خيمو اڏي ويهي رهيو آهي، سرڪار توڙي سرنديءَ وارن سندس سار نه لڌي آهي، ان ڏس ۾ شهر جي ممتاز ڪالوني فيض ٽو  جو رهواسي ڊرامه آرٽسٽ فدا حسين جتوئي گهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سم نالي جي ڪڙ تي ٻچڙن سميت تنبو لڳائي بي يارو مددگار ويٺل آهي، ان حوالي سان مسڪين فنڪار پاڙيسرين سميت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  ڪالوني ۾ پاڻي بيهڻ سبب ٻچڙا ڪڍي سم نالي جي ڪڙ تي ٻچڙن سان گڏ تنبو ۾ ويٺا آهيون، چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به سار ناهي لڌي،  هوڏانهن لاڙڪاڻي سميت ڀرپاسي جي مختلف علائقن جا رهواسي سنڌ جو نالي وارو فنڪار ستار لاڙ عرف مجو، قربان شيخ، محبوب گل ٽوٽاڻي، الطاف چانڊيو، اسد کوکر، سھڻي ناز، اسلم شيخ، گلاب شاهاڻي، مانجھي چانڊيو ۽ ٻين سميت 2 سو کان مٿي فنڪار برساتن سبب متاثر ٿيڻ ڪري بي گهر ٿيل آهن جيڪي حڪومت توڙي وس وارن جي مدد جا پڻ منتظر آهن.