لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن طرفان اليڪشن شيڊيول جاري ٿيڻ بعد سياسي سفارش عيوض بدلين ۽ مقررين تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري خلاف صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي شڪايتي خط لکي ڪيل ڪيل بدليون ۽ مقرريون واپس وٺڻ وٺڻ جي گذارش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن آفيسر ۽  ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو عاشف عنايت صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي چيو آهي ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري طرفان سياسي بنياد تي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندي پرائمري اسڪول ٽيچر مينهون خان کي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول روحل خان بگٽي، رجب علي بگٽي کي گورنمينٽ وائز پرائمري اسڪول لال بخش بگٽي، جونيئر اسڪول ٽيچر سيف الله بگٽي کي گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول شيخ زيد بن سلطان ڪالوني، پرائمري اسڪول ٽيچر ناصر علي بگٽي کي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول لال بخش بگٽي ۽ غلام مجتبيٰ ڀٽو کي هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز اسڪول غلام ڀٽو مقرر ڪيو آهي. بدقسمتي سان تعليم کاتي جو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري اليڪشن ڪميشن جي آرڊرن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جيڪو عمل صاف شفاف مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪنديون ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي سختيءَ سان هدايتون جاري ڪيون وڃن ته اليڪشن شيڊيول جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪيل بدليون ۽ مقرريون نه ڪري ۽ ڪيل آرڊر واپس ورتا وڃن.