لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سماجي اتحاد پاران شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي سرعام وڪري خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ بشير احمد شيخ، احسان بليدي، ارباب سولنگي، راجا شمس الدين پيرزادو، معشوق شيخ، نديم شيخ ۽ ٻين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏوهن ۾ واڌ ٿيڻ ڪري شهر جو امن تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته منشيات جو وڪرو سرعام جاري آهي، پر انتظاميا ماٺ واري پاليسي اختيار ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيوته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.