لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي حد المرتضيٰ هائوس ڀرسان بجلي جو دڪان هلائيندڙ نوجوان اليڪٽريشن زوهيب حسين چانڊيو کان ڦرلٽ واقعي ۽ بدامني خلاف ٻيڙو چانڊيو جي رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظآهرو ڪيو ويو، متاثر پورهيت نوجوان زوهيب حسين چانڊيو، نوجوان اتحاد ٻيڙو چانڊيو جي ڪارڪنن فهيم چانڊيو، عامر مٺاڻي، وقار مگسي ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي، جوابدار سرعام اسان کان ڦرلٽ ڪري هلي وڃن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.