لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي لٽل فوڪس اسڪول جي ايڇ ايس ٽي استاد جي گھر مان چوري، چور گھر ۾ گھڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻُھاري ويا، گسٽا لاڙڪاڻو طرفان واقعي جي سخت مذمت ڪندي چوري واپس ڪرائڻ جي گهر ڪندي احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو،شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد سي ايم سي ماڊل ڪالوني ۾ صبح سوير اڻڄاتل چورن لٽل فوڪس اسڪول جي ايڇ ايس ٽي ٽيچر مارئي ميراڻي جي گهر ۾ گهڙي لکين رپيا ماليت جا سونا زيور، هڪ لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي، گهر ڌڻي ليڊي ٽيچر مارئي ميراڻي ٻڌايو ته اسان گهر ڀاتي گهر اندر ننڊ ۾ هئاسين ته اڻڄاتل چورن گهر ۾ گهڙي لکين رپيا ماليت جا سونا زيور، هڪ لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. هن چيو ته پوليس ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه پھتي، نه ئي چوريءَ جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف گسٽا تعلقي لاڙڪاڻي جي صدر نظر محمد مغيري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ليڊي ٽيچر مارئي ميراڻي جي گهر مان ٿيل چوري فوري طور تي واپس ڪرائي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ھن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن چوري واپس نه ٿي ته گسٽا طرفان احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.