لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻاٻوري جي رهواسي پيرسن پورهيت پنهنجي پٽ سان گڏجي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت نظام الدين گوپانگ پنهنجي پٽ دلبر علي گوپانگ سان گڏجي دانهدي الزام لڳايو ته ڳوٺ واسي بااثر امداد گوپانگ سان اسان جو پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن جي چرچ تي گذريل ڏينهن تعلقي ٿاڻي جي ايس ايچ او عبدالغفور ڇٽو ٽن خانگي ڪارن ۽ ٽن پوليس موبائلن ۾ سوار اهلڪارن سان گڏجي چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪري گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي منهنجي ٻارهين جماعت پڙهندڙ نوجوان پٽ سينگهار علي گوپانگ کي بيگناهه گرفتار ڪري گهر مان هڪ موبائيل فون، لائسنس وارو رپيٽر، 3 تولا سونا زيور، هڪ لک 70 هزار روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪئي. هن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته هينئر ايس ايڇ او عبدالغفور پٽ جي آزاديءَ لاءِ 2 لک روپيه رشوت گهري رهيو آهي، انڪار تي ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو منهنجي نوجوان پٽ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس ڪوڙي مقابلي ۾ فل فراءِ ۽ هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ کي آزاد ڪرائي ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.