لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسين بااثرن جي مبينا ناجائزين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت آصف ڪاٺيو پنهنجي امڙ دلشاد خاتون، گهر واري بيبي، ڀاڄائي فردوس ۽ ٻارن سميت دانهيندي چيو ته ٻه سال اڳ 8 آگسٽ تي جيلس بازار واسي سليم ڀٽو جو پٽ عابد ڀٽو سچل ٿاڻي جي حد رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن جي قتل جو الزام هنن اسان مٿان الزام لڳائي سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو جنهن تي پوليس منهنجي ٻن ڀائرن خالد ۽ واصف ڪاٺيو کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل لاڙڪاڻو اماڻي ڇڏيو جيڪي مهينو اڳ ضمانت تي آزاد ٿيا جنهن کان پوءِ بااثر پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ٻيهر مون سميت منهنجي ڀائرن مٿان اغوا ۽ ڌمڪين جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا جنهن ڪري خدشو آهي ته پوليس ڀائرن کي ٻيهر گرفتار ڪندي جڏهن ته بااثر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.