لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين جيلس بازار جو دورو ڪري دڪاندارن کان اٽي سميت عام واهپي جي شين جي اگهن بابت معلومات ورتي ۽ ريڙهن تي سبزيون، ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو ڪندڙ پورهيتن کان ريٽ لسٽ ۽ اگهه معلوم ڪيا. اسسٽنٽ ڪمشنر دڪاندارن، سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته هو مقرر ڪيل اگهن تي اٽو سميت ٻيون عام واهپي جي شيون وڪرو ڪن. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر جي دوري دوران ريڙهي وارن تي داٻا ڏنڊا وسائيندو نظر آيو. ان موقعي تي ريڙها هلائيندڙن صحا فين آڏو دانهيندي چيو ته ٽريفڪ پوليس وارا اسان تنگ ڪندا آهن.