لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز طرفان پهرين ڊسمبر تي اعلانيل “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي سِري هيٺ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تياريون زور ۽ شور سان جاري آهي، “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي سِري هيٺ شهر جي بختاور پارڪ ۾ يوگا ڪندڙ يوگين جي تنظيم دي ونڊرفل ڪلب طرفان ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر شيخ، ڊاڪٽر فاروق شيخ، ڊاڪٽر احمد علي چانڊيو، پروفيسر منظور مغيري، شعيب شيخ، نعمت کهاوڙ، مسرور ناريجو سميت ٻين سنڌي ٽوپي پائي اجرڪ اوڍي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ قومي ۽ ثقافتي گيت تي رقص ڪري خوشي جو اظهار ڪندي هٿن جي زنجير ٺاهي سنڌ کي انتهاپسندي کان آجي ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ثقافتي ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪاٽي ثقافتي ڏهاڙو شاندار نموني ملهائڻ سان اعلان ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين پنهنجي اخبار ۽ روزاني ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي جا ٿورائتا آهيون جنهن دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، هر سال پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سٿ طرفان ثقافتي ڏهاڙو ملهائي سنڌ ماڻهن کي گڏ ڪيو پيو وڃي، جنهن تي علي قاضي ۽ سندس ٽيم کي جس هجي جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي سنڌ جي ماروئڙن جي ڏکن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪري سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ، سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ٺاهڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سميت سنڌ جي ٻين ٻرندڙ مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي.