لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي خانگي انڊس اسڪول ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين، اسڪول جي ميل ۽ فيميل ٽيچرن توڙي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين “اسان سنڌو جا وارث آهيون” جي موضوع تي تقرaيرون ڪري سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ ٽوپي اجرڪ تي شاعري پيش ڪري داد حاصل ڪيو. ان حوالي سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته اسان جو سنڌو درياهه بنا ڪنهن تفريق ۽ متڀيد جي سڀني کي پاڻي ميسر ڪري زندگي جي آبياري ڪري ٿو، هن درياهه جي ٻن ڪپن تي آباد سنڌو تهذيب دنيا ۾ امن، شانتي، شائستگي ۽ مھذب پڻي جو مهان مثال بڻيل آهي، اسان سڀئي سنڌو جا وارث آهيو، اسان جي ثقافت جا رنگ به زندگي جا ئي رنگ آهن جنهن کي اپنائي اسان فخر محسوس ڪندا آهيون. ٻي طرف پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران انتها پسندي کان آجي سنڌ ايڪتا عيد جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي ان حوالي سان اڳواڻ اطهر سومرو، عزيز الرحمان شيخ سميت ٻين جو چوڻ هو ته ايڪتا عيد انتهائي جوش جذبي سان ملهائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.