لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان لاڙڪاڻي شهر جي ايس ايس پي چوڪ تي ٿر جي رهواسي مشهور مجسمي ساز فقيرو پاران ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خوبصورت مجسمو لڳايو ويو آهي جنهن کان پوءِ چوڪ جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿي ويو آهي.تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، پي پي پي سٽي لاڙڪاڻو جي صدر خير محمد شيخ ۽ ٻين سان گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مجسمي جو افتتاح ڪري دعا گهري جنهن کان پوءِ ايس ايس پي چوڪ جو نالو ”اسٽيچو آف ڊيموڪريسي“ يعني ”جمهوريت جو مجسمو“ چوڪ رکيو ويو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جميل احمد سومرو چيو ته اڄ اسان جي لاءِ وڏي سعادت جو ڏينهن آهي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي وارن جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مجسمو ”اسٽيچو آف ڊيموڪريسي“ يعني ”جمهوريت جو مجسمو“ تحفي طور ڏنو آهي، جنهن ۾ وفاقي يا صوبائي سرڪار سميت ميونسپل ڪارپوريشن جو ٽڪو به خرچ ناهي ٿيو ان جو خرچ چيئرمين پاڻ ڀريو آهي جنهن کان پوءِ هن چوڪ کي ايس ايس پي چوڪ چوڻ بجاءِ”اسٽيچو آف ڊيموڪريسي“ يعني جمهوريت جو مجسمو چوڪ چيو وڃي. هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مجسمو لڳڻ کان پوءِ نوجوانن توڙي هر عمر جي ماڻهن پهچي مجسمي سان گڏ سيلفيون ٺاهي ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ ويڊيوز ٺاهي خوشيءَ جو پڻ اظهار ڪيو.