لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سان لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليجن سميت خيرپور ۽ گمبٽ ڪاليج ۾ نئين سال جي داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ، 8 هزارن کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت، سخت گرمي ۽ پيهه سبب بدنظمي، 14 شاگردياڻيون بيهوش، انٽري ٽيسٽ کان اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ جو انڪشاف، تفصيل موجب پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل طرفان جناع سنڌ يونيورسٽي ڪراچي جي انتظام هيٺ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو سان سلهاڙيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 250، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي 100، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 50، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 100 ۽ گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جي 100سيٽن تي نئين سال جي داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ شهر جي پي ٽي ايس ۾ ورتي وئي، جنهن ۾ لاڳاپيل ضلعن سان واسطو رکندڙ 8241 شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، اميدوارن لاءِ 425 بلاڪ ٺاهي انهن کي 17 زونز ۾ ورهايو ويو ۽ انويجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، انٽري ٽيسٽ لاءِ لاڙڪاڻو پوليس طرفان سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪري سينٽر ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون، ٽيسٽ دوران يونيورسٽي، پي ايم ڊي ۽ سنڌ جناع يونيورسٽي جي انتظاميا توڙي نمائندن طرفان شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نگراني ڪئي وئي، ٻئي پاسي سخت گرمي ۽ پيھه سبب انٽري ٽيسٽ بدنظمي جو شڪار رهي، جڏهن ته 14 کان وڌيڪ شاگردياڻيون بيهوش ٿي ويون ۽ ڪيترن ئي اميدوارن جي حالت خراب ٿي وئي، جن مان ڪجهه اميدوارن کي چانڊڪا اسپتال سميت خانگي اسپتالن ڏانهن اماڻي طبي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر نصرت شاهه، ڊائريڪٽر ايڊميشن رياض شيخ، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ضمير سومرو، پرنسپال بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو قائم الدين شيخ ۽ ٻين امتحاني سينٽر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو، پروفيسر نصرت شاهه چيو ته ميرٽ اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ اسان ميرٽ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ آيل اميدوارن  دانهيندي چيو ته انٽري ٽيسٽ ۾ ٿڌي پاڻي، پکن توڙي ٻين سهولتن جي کوٽ سبب انتهائي مشڪلاتون پيش آيون، ٻئي پاسي انڪشاف ٿيو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ جو پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ٿيو، ذريعن کان معلوم ٿيو ته انٽري ٽيسٽ لاءِ ورتل پيپر وقت کان اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو هو جنهن ڪري ڪجهه اميدوارن طرفان وقت کان اڳ پيپر مڪمل ڪيو ويو، ٻئي پاسي انٽري ٽيسٽ دوران پي ٽي ايس ٻاهران وڳڻ روڊ تي اميدوارن جي مٽ مائٽن توڙي واسطيدارن جي رش رهي جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام معطل ٿي وئي.