لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي الهه آباد ٿاڻي جي پلاٽ ۾ مبينا طور مٽي لهرائڻ واري ڳالهه تان بااثر ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي بااثر ۽ پوليس اهلڪار هٿين پئجي ويا، ٿاڻي اندر جهيڙي جو ٻڌي ڪيترائي پاڙي واسي گڏ ٿي ويا جنهن بعد منهن ماري ڪندڙ بااثر فرار ٿي ويو. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو ٻڌايو ته ٿاڻي جي پلاٽ ۾ مٽي لهرائڻ تان بااثر نظر محمد انڙ اچي ڌمڪيون ڏيندي دعويٰ ڪئي ته ٿاڻي جو پلاٽ منهنجو آهي جنهن کي اسان منع ڪئي ان تي هن اسان سان منهن ماري ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي روانو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته الهه آباد ٿاڻي جي عمارت 1975ع کان قائم آھي جيڪا اڳ پوليس چوڪي هئي جنهن بعد اڳوڻي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش ان پوليس چوڪي کي ٿاڻي جو درجو ڏنو هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ٿاڻي جي پلاٽ جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ شهري نظر محمد انڙ ڪچي آبادي وارن سان ملي ڀڳت ڪري سَندَ ٺهرائي آيو هو جنهن خلاف اعليٰ عملدارن سان رابطو ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.