لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اسلامي جميعت طلباءِ طرفان ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ خلاف حقوق طلباءِ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مدثر سومرو، عبدالوهاب ميرجت، عبدالسلام مزاري، راجا ياسين مغيري ۽ ٻين چيو ته گذريل 10 سيپٽمبر تي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي نگرانيءَ ۾ ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن جو پيپر هڪ ڏينهن اڳ پئسن عيوض آئوٽ ڪري محنتي ۽ غريب شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، هنن چيو ته اهڙا ثبوت سوشل ميڊيا تي پڻ موجود آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پيپر وڪرو ڪري آئوٽ ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ٻيهر ورتي وڃي.