لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرنهوار دستوري گڏجاڻي، نڪور تخليقون پيش، گڏجاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف قرار داد منظور، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرنهوار دستوري گڏجاڻي جيئل اوڏ جي صدارت هيٺ ٿي، صدارتي خطاب ڪندي جيئل اڏو چيو ته سنڌي ادب ۾ تحقيق نالي ملندڙ ڊگرين جو ڪو خاص معيار نه آهي، سنڌي ادب  ۾ تحقيق گهڻي قدر ادارن کان ٻاهر ٿي آهي. جيڪا ڪنهن قدر قبول ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ بهترين سکيا گهر آهي. ادب جي دنيا ۾ گهڻي قدرنوجوان جلدي شهرت جي ڊوڙ ۾ آهن جنهن ڪري ادب جو مقدار ته وڌيو آهي پر معيار بهتر نه ٿيو آهي. شاعر موسيقيءَ جو ڄاڻو ٿيندو آهي. شاعري موسيقيت سان ڀرپور هوندي آهي. گڏجاڻيءَ ۾ شيخ فرازي “غزل”، فراخ جانوري “غزل”، رفيق ابڙو “نظم” ۽ اعجاز سولنگي ٻه اکري ڪهاڻي “پردو”  تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جنهن تي عيسيٰ ميمڻ، حمز علي سوهو، منظور آزاد شيخ، مسڪين عيسيٰ چانڊيو، حنيف سولنگي، روشن ٽوٽاڻي، دانش ترڪ، حبيب الله دايو، سعيد احمد ڪرماڻي، غلام محمد سامٽيو ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو. ٻي طرف ڪئنالن خلاف ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف قرار دادون پاس ڪيون ويون.