لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ريلوي انتظاميه طرفان عدالتي حڪم تي ريلوي کاتي جي ڊويزنل انجنيئر محمد خادم حسين، ايس پي ريلوي پوليس رانا ارسلان، مختيارڪار لاڙڪاڻو شڪيل احمد سومرو ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار عابد مغيري جي اڳواڻيءَ ۾ هيوي مشينري ساڻ ڪري شهر جي رحمت پور ريلوي ڦاٽڪ وٽ لاڙڪاڻو شهدادڪوٽ ريلوي ٽريڪ تي غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن ڪري ڇپرا ۽ لڪڙا لاهي دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان دڪانن جي مالڪ جاويد ڪورائي چيو ته ريلوي کاتي طرفان آپريشن بابت اسان ڪو به نوٽيس ناهي ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي اڳواٽ اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي. هن الزام لڳايو ته ريلوي انتظاميه بغير اطلاع ۽ نوٽيس جي اڄ هيوي مشينري ساڻ ڪري منهنجي 6 دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. جن جي پويان منهنجو گهر به آهي.ٻي طرف ريلوي انتظاميه موجب عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي وئي، غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي.