لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس مرد ۽ عورتن اميدوارن پاران 40 پلس پاس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي اميدوارن جميل تنيو، فهد علي، ديدار علي، گلشن سومرو، اطهر سومرو، اسمه ۽ ٻين اميدوارن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ان موقعي تي معظم علي عباسي اميدوارن کي خاطري ڪرائي ته هو هن مسئلي تي سنڌ جي نگران حڪومت سان ڳالهائيندو جيئن سندن مسئلي کي حل ڪيو وڃي.