لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن خدا آباد محلا، سچل ڪالوني، وليد محلا، معظم ڪالوني ،ڳوٺ گل محمد کوسا جي رهواسين گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. حاجي خان جاگيراڻي، فقير سڪندر، علي اصغر کوسو، افضل جتوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سياري جي موسم شروع ٿيڻ کان پوءِ گيس جي لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي، گهٽ پريشر سبب رڌ پچاءُ به نه ٿو ٿي سگهي، مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر ڏيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي صارفين کي گيس فراهمي بهتر نموني ڏيئي ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.