لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪرياني جي دوڪان مان چوري جي انوکي واردات، اٽو وٺڻ آيل چور خريد ڪيل اٽو پٽ تي هاري دوڪاندار کي ٻاهر سڏي ساٿي جي مدد سان هڪ لک 70 هزار روپيا چوري ڪري فرار، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، خبر موجب مڇي مارڪيٽ واري علائقي ۾ اڻڄاتل شخص ڪرياني جي دوڪان تان خريد ڪيل اٽو دوڪان ٻاهران هاري بهاني سان ڪرياني جي دوڪاندارن کي سڏ ڪري اٽو ميڙڻ جو چيو، جنهن دوران دوڪان ڀرسان بيٺل اڻ ڄاتل چور جي ساٿي ڪرياني جي دڪان ۾ داخل ٿي هڪ لک 70 هزار روپيا چوري ڪري ورتا ۽ فرار ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ڪرياني جي دوڪاندار پنهنجي دوڪان ۾ داخل ٿي خاني ۾ پئسا نه هجڻ تي سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.