لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور چوڪ بروهي پاڙي مان ٽي ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 12 ورهين جي نينگر عبدالوحيد چانڊيو جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. ذوالفقار چانڊيو ٻڌايو ته عبدالوحيد 3 ڏينهن اڳ سامان وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو،حيدري ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو آهي، نينگر جي  ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.