لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني جي رهواسڻ انجلي اوڏ مڙس جي مبينا تشدد، ڏير ۽ سهري جي ظلم کان تنگ اچي تحفظ لاءِ وومين ٿاڻي پهتي.پوليس انجلي اوڏ کي لاڙڪاڻي جي فورٿ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج حفظ الرحمٰن ميمڻ جي عدالت  ۾ پيش ڪيو، ناري جي بيان بعد عدالت کيس والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انجلي اوڏ دانهيندي چيو ته ٻه سال اڳ اجي اوڏ سان شادي ٿي، مڙس تشدد ڪري گهر جو خرچ نه ڏيندو هو، ڏير سنجي ۽ سهرو شوڪت اوڏ ظلم ڪندا هئا.وومين پوليس موجب ناري تحفظ لاءِ ٿاڻي پهتي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.هوڏانهن عدالتي حڪم تي انجلي اوڏ کي وومين پوليس ضروري ڪاروائي بعد والدين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.