لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي نيو بس اسٽينڊ ڀرسان موٽرسائيڪل بجلي جي  پول سان ٽڪرائجڻ سبب نشتر روڊ واري علائقي جو رهواسي نوجوان بهادر علي چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي علاج دوران نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اعتبار چانڊيو ٻڌايو ته ڀاءُ رتوديرو کان واپس لاڙڪاڻي گهر ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي ۾ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيو آهي.هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.