لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻي ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي علم پاڪ سينگارڻ جو سلسلو زور شور سان جاري آهي، لاڙڪاڻي شهر جي مختلف ڪاروباري مرڪز جعفري امام بارگاهه واري گهٽي، امپائر روڊ، بندر روڊ،ريشم گلي، سورهيه پڌر، جاڙل شاھ روڊ، صديقي بازار ۽ لاھوري روڊ، ڀينس ڪالوني روڊ وٽ اڍائي سؤ کان وڌيڪ دوڪانن ۽ 300 کان وڌيڪ ريڙهن تي علم پاڪ لاءِ بيرڪ، تلس پاڪ، پنجا، ڪٽهڙا، گنبذ، پينگها ۽ زنجيريون، مقدس روضن جا نمونا، ڪنٺا، تبرڪات ۽ ٻيو سامان وڪري لاءِ رکي ڇڏيو آهي جتي وڏي انگ ۾ عورتون، مرد توڙي پڪا پوڙها ۽ ٻارڙا خريداري ڪرڻ لڳا. ان سلسلي ۾ شهر جي جعفري امام بارگاهه واري گهٽي ۾ ورهيه کان قائم ڪريم ڪربلا حسيني تبرڪات جي نالي سان منسوب دوڪاندارن زوار وحيد علي ميمڻ، علي رضا مهيسر، نديم ميراڻي، اعجاز احمد،چنو ،محمد علي چنو سميت ٻين ٻڌايو ته محرم الحرام ويجهو ايندي ئي مومنن جي خدمت لاءِ ايران ۽ ڪربلا مان پڻ مختلف تبرڪات گهرائيون وينديون آھن. جڏهن ته لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي کان به هول سيل ريٽ تي علم پاڪ سينگارڻ سميت ٻيو سمورو سامان خريد ڪري هتي دڪانن تي سيل ڪندا آهيون، جتي 25 ذوالحج کان وٺي علم پاڪ تيار ڪرڻ جا آرڊر مومن طرفان ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي جڏهن ته محرم الحرام جي پهرين کان 9 محرم الحرام تائين علم پاڪ سينگارڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شهري بيرڪ، تلس پاڪ، پنجا  جي خريداري ڪندا آهن. هنن ٻڌايو ته علم پاڪ جي مڪمل سامان جي قيمت 10ھزار کان ڏيڍ لک روپين تائين آهي، جيڪو گهرن ۾ علم پاڪ لڳايا ويندا آهن، جڏھن ته امام بارگاهه ۾ لڳائڻ لاءِ علم پاڪ جو مڪمل سامان هڪ لک کان پنج لک روپين تائين خرچ تيار ڪيا ويندا آهن، بينر هزار کان 20 هزار روپين تائين آهي بيرڪ 2 سئو کان 6 هزار تائين وڪرو ڪئي وڃي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته مهانگائي هجڻ باوجود هر مومن جي پهرين خواهش اها هوندي آهي ته هو گهر تعيمر ڪرائڻ سان گڏ پهريون پنهنجي گهر جي اڱڻ تي علم پاڪ نشان ڪرائي لڳائيدا آهن جنهن ڪري اسان جي دڪانن تي هر سال جيان لاڙڪاڻي سميت آس پاس جي شهرن قمبر شهدادڪوٽ سميت ميهڙ، نصير آباد، خيرپور ناٿن شاهه، رتوديرو، نئوديرو ،ڏوڪري باڊهه، باقراڻي سميت ٻين شهرن کان حبدار گهرن سميت امام بارگاهون لاء خريداري اچي ڪن ٿا.