لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ شبانه بروهي پنهنجي ڀيڻ آسيه بروهي، معصوم ڌيءَ صبا بروهي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گهٽيءَ ۾ ويهڻ تان ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين جسڪاڻي، غلام پرور جسڪاڻي، نظير، عدالت جسڪاڻي سندن مائٽن ڊاڪٽر فياض تونيو، اصغر ڀٽو منهنجي ٻن پٽن سمير ۽ جميل بروهي کي قتل ڪيو. هن چيو ته منهنجي مڙس الاهي بخش جوابدارن کان ٺاهه ڪري 10 لک وٺي پٽن جو خون لوڙهڻ لاءِ وڌيڪ پئسن جي لالچ ۾ اچي. دڙي ٿاڻي جي اهلڪار ذوالفقار نوحاڻي، گدا جتوئي، شريف جتوئي ۽ پنهنجي ويڳي پٽ سعيد بروهي سان گڏجي ڀڃ ڊاهه ڪري تشدد جو نشانو بڻائي 8 سال جي پٽ علي عباس کي اغوا ڪري گهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.هن  ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته مڙس سميت پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري پٽ کي آزاد ڪرائي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.