لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اپر سنڌ رائيس فيڪٽريز ورڪرز يونين طرفان مرتضيٰ ڪورائي، حاجن لاشاري، اصغر گائينچو، علي شير بروهي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ريجنل آفيس لاڙڪاڻو ۾ رائيس فيڪٽريز جي مزدورن کان فليٽن ۽ فوتي مزدورن جي ڊيٿ گرانٽ لاءِ 2، 2 لک  جڏهن ته مزدورن جي نياڻين جي ڏاج جي رقم لاءِ 50 هزار رشوت مقرر ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻي جي ليبر ڪالوني ۾ تيار ڪيل فليٽ مزدورن بجاءِ جعلسازي ذريعي بااثرن کي الاٽ ڪيا ويا آهن. واسطيدار اختيارين کي شڪايتون ڪيون پر ڪو به تدارڪ نه ڪيو پيو وڃي.