لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد حيدري محلا ۾ مبينا سڱ نه ڏيڻ واري معاملي تان جوابدار عبدالفتاح مغيري چئن ٻارن جي ماءُ طلاقيل عورت ثمينه ڌيءَ نظير مغيري مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي ٻئي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪرڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چانڊڪا اسپتال آندا ويا، ان موقعي تي مقتولا عورت ثمينه مغيري جي امڙ هدايت خاتون مغيري جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجي ڌيءَ ثمينه جي شادي تعلقي قمبر ڳوٺ مدو چانڊيو واسي علي رضا عرف نواب سولنگي سان ٿي هئي، 7 مهينا اڳ ناٺي ڌيءَ کي طلاق ڏئي کيس گهران ڪڍي ڇڏيو جيڪو مسلسل ڌمڪيون ڏيندو هو، جنهن ڪري مان پنهنجي ڌيءَ ثمينه سان گڏجي ويجهي مائٽ عبدالفتاح مغيري جي گهر ۾ پناهه طور رهائش اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ حيدري محلا واري علائقي ۾ مسواڙ تي جڳهه وٺي ڌيءَ سان گڏ رهائش اختيار ڪئي جتي عبدالفتاح مغيري ڌيءَ ثمينه جو سڱ گهريو انڪار تي هن اڄ گهر ۾ گهڙي ڌيءَ ثمينه کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اطلاع تي پهچي ٻئي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري واقعي واري هنڌ تان پسٽل ۽ گولين جا خول هٿ ڪري فارنزڪ لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن ۽ ٻنهي لاشن جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪرايو ويو آهي، اهڙي رپورٽ اچڻ بعد حقيقتون سامهون اچي وينديون. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب عبدالفتاح مغيري مقتولا عورت جي گهر ايندو ويندو هو عورت کي تلاق ڏيارڻ ۾ عدالتي مدد به ڪئي هئي، معاملو رشتيداري جو لڳي رهيو آهي جنهن معاملي تان اهڙو واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مبينا آپگهات ڪندڙ عبدالفتاح مغيري مقتولا ثمينه مغيري جو ويجهو مائٽ هو جنهن ثمينه مغيري جي سڱ جي گهر ڪئي، انڪار تي هن اهڙو قدم کنيو آهي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتولا عورت ۽ آپگهات ڪندڙ عبدالفتاح مغيري جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.