لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ اڻڄاتل چورن گهرڀاتين جي غيرموجودگيءَ ۾ شهري ثاقب علي سومرو جي گهر جا تالا ٽوڙي 2 تولا سونا زيور ۽ هزارين رپيا روڪ رقم چوري ڪري آسانيءَ فرار ٿي ويا، اطلاع تي ايس ايچ او دڙي ۽ فارنزڪ ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر بروهي لڳ اڻڄاتل هٿياربندن ڏوڪري تعلقي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عثمان ڪلھوڙو جي پرائمري استاد لاڙڪاڻي واسي سيد عرفان شاهه کي جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ 15 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، جنهن کان پوءِ متاثر حد جي بقاپور ٿاڻي تي پهچي واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.