لاڙڪاڻو/قمبر (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻو ۽ قمبر ۾ انتطاميا جون ڪارروايون، ويڌڪ ڀاڙا وٺندڙن کان ڏنڊ وصول، خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو ارسلان چوڌري ۽ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي اعجاز احمد سرهيو پوليس سان گڏجي پئٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي کان پوءِ اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙن ٽرانسپورٽرن خلاف ڪاروائي ڪندي شهر جي ڪوچ اڏي، قمبر بس اسٽاپ سميت مختلف ڪوچز ۽ بس اڏن جو دورو ڪري اضافي ڀاڙو وٺڻ ۽ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 26 هزار روپيا ڏنڊ وجهي 8 هزار کان وڌيڪ ڪرايو مسافرن کي واپس ڪرايو، جڏهن ته قمبر بس اسٽاپ تي ٽرانسپورٽر مٿان 10 هزار روپيا ڏنڊ وجهي مسافرن کي اضافي ڀاڙو واپس ڪرايو، هوڏانهن قمبر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاد قادري، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي عملدارن قمبر، لاڙڪاڻو، شھدادڪوٽ، نصيرآباد، وارهه، حيدر آباد ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کي روڪي مسافرن کان ڪراين بابت معلومات وٺي، ٽرانسپورٽرن کي ڪرايا گهٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ڪارروائي دوران وڌيڪ ورتل ڀاڙا مسافرن کي واپس ڏياريا.