لاڙڪاڻو/رتوديرو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ رتيديري ۾ هٿياربندن هٿان 3 دڪاندار يرغمال، 57 لک رپيا ڦر،ڌرڻو ان ڏس ۾  رتيديري ۾ هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا يرغمال، 20 لک رپيا ڦر، ان ڏس ۾ شهر جي مين بس اسٽينڊ روڊ تي بئنڪ اسڪوائر وٽ 3 نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿيار بند ڪرياني جي دڪان مالڪ سنيل ڪمار جي ٻن ملازمن غلام شبير انصاري ۽ انصار جلباڻي کي يرغمال بڻائي 20  لک رپيا   ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان حوالي سان متاثرن ٻڌايو ته اسان بينڪ ۾ پئسا جمع ڪرائڻ وڃي رهيا هئاسين ته پئسا ڦر ڪيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف لاڙڪاڻي شهر جي عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي حد لاهوري ريگيوليٽر وٽ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن بلڊنگ مٽيريل دڪان جي مالڪ حمير شيخ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 35 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  اطلاع تي  پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻي طرف  دڪان مالڪ حمير شيخ ٻڌايو ته منهنجو سٽي اسڪول ڀرسان بلڊنگ مٽيريل جو دڪان آهي جتان مان پئسا کڻي اچي رهيو هيس ته  هٿياربندن يرغمال بڻائي 35 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي  ۾ هول سيل ڪنفيڪشنري جي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ سميت شھرين پاران لب مهراڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو  ان موقعي دڪاندار زاهد ميمڻ   چيو ته  گذريل ڏينهن  هٿيار بند 3 لک رپيا ڦر ڪري ويا،  اڄ وري ٽيون ڀيرو ھٿياربند اڍائي لک روپيا ڦر ڪيا، ٻئي طرف ڪنفيڪشنري جي دڪان تان ڦر واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز منظر عام تي اچي ويا   آهن.