لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش ايڌي سينٽر حوالي، تفصيل موجب ڳوٺ دودائي وٽ موهن جو دڙو پسينجر ٽرين جي ٽڪر ۾ 24 ورهين جو نوجوان تڏي تي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش ڏسي علائقي واسين حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ضروري  ڪاروائي بعد لاش ايڌي سينٽر انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو، ايڌي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.