لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي انتظام هيٺ هلندڙ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳوٺ وڪيا سانگي ۾ سالياني ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر ڪميونٽي ڪاليجز اسڪولس ڊاڪٽر نور حسين شر، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، محمود راجا، گلبهار مگسي، انيس الرحمان جلباڻي، اعجاز علي چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،تقريب ۾ ٻارن تعليم جي اهميت ۽ عظمت، انسانيت جو قدر، پاڪستان جو روشن چهرو، عمر مارئي، عورت جي تعليم، فلسطينين سان يڪجهتي، حب الوطني تي تقريرون ڪري ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو.