لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو طرفان لاڙڪاڻو ٿئيٽر فيسٽيول جاري آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ اسد کوکر جو لکيل فيسٽيول جو چوٿون سنڌي اصلاحي اسٽيج ڊرامو “انتها” ڊائريڪٽر محمد ملوڪ ٿيٻو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حسين بخش چانڊيو جي هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سيد سليم شاهه، منظور بوھڙ، ڪشور جبين، سجاد سومرو، ميان بخش ٻگهيو، محمد صفر ابڙو، حسين بخش چانڊيو ۽ محمد ملوڪ ٿيٻو پنھنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. ان موقعي تي ليکڪ روشن شيخ چيو ته ڊرامي جي سموري ٽيم کي بھتر ڊرامي ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، ليکڪ گهڻو ڪجهه هن ڊرامي ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو اسان جي سماج جو ھڪ آئينو آهي.