لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي پوليس جا مبينا مقابلا: 3 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ، ان حوالي سان ايس ايس پي احمد چوڌري ٻڌايو ته رتوديرو ٿاڻي جي حد جويا پل واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ واردات جي نيت سان بيٺل ڏوهارين وچ ۾ مقابلي ۾ ٻنهي طرف کان فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي جنهن جي سڃاڻپ رکيل جي وانڍ واسي نديم شر طور ٿي آهي، شروعات جاچ موجب گرفتار ڏوهاري سنگين نوعيت جي وارداتن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي.ٻي طرف رحمت پور ٿاڻي جي حد پير مراد شاھ واري علائقي ۾ مقابلي دوران خالد پٽ اقبال شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، هوڏانهن سچل ٿاڻي جي حد لوهي پل واري علائقي ۾ به مبينا مقابلي دوران پرويز پٽ محسن شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.