لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي لڳ رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ملگاڻي باءِ پاس تي ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺ شهداد خان بروهي واسي دڪاندار 30 ورهين جو نوجوان عامر پٽ صحبت بروهي گوليون هڻي قتل ٿي ويو، وارثن پاران نوجوان جو لاش کڻائي ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي مقتول جي وارثن صحبت بروهي، ڀاءُ اعجاز بروهي، شاهد بروهي، ممتاز بروهي سميت ٻين چيو ته اسان جي نوجوان عامر بروهي جي سال اڳ شادي ڪئي هئي، جنهن کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي،هنن چيو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن عامر بروهي کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ۽ مزاحمت تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، عام شهري سميت ڳوٺاڻا به غير محفوظ بڻيل آهن.ٻي طرف پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.پوليس موجب واقعي جي جاچ مختلف رخن کان ڪئي پئي وڃي جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.