لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ويجهو ڳوٺ ٿرڙي ڇٽو ڀرسان ٽائر بسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ٿي ويا،  حادثي ۾ 25 ورهين جو سعيد ابڙو فوت ٿي ويو، سندس دوست 28 ورهين جو سميع ﷲ ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ زخمي ٿيل سميع الله ڪلهوڙو به  دم ڏئي ڇڏيو.