لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) صوبائي محتسب اعليٰ جي هدايتن تي ٻارنهن سالن کان بند ڊسپينسري ڳوٺ گاداڻي کولي وئي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي جاويد علي کوکر طرفان صوبائي محتسب اعليٰ کي شڪايت ڪئي وئي ته سندن جي ڳوٺ ۾ حڪومت طرفان ٺاهيل ڊسپينسري بند پئي آهي، جنهن تي عوام قبضو ڪري گھر ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن تي صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي هدايت ڪئي ته اهو مسئلو جلد کان جلد حل ڪيو وڃي، جنهن قانوني گھرجون پوريون ڪرائي ڪالهه پي پي ايچ آءِ ڊي ايم سان گڏجي ڊسپينسري کي فعال ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي ڊسپينسري ڳوٺ گاداڻي جو دورو ڪري اتي موجود ڊاڪٽرن ۽ عملي کان ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ عملي کيس ٻڌايو ته پهرين ڏينهن کان ئي غريب مسڪين ماڻهن ڊسپينسري مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن ان جي کلڻ سان ڪيترائي ڳوٺاڻا ان صحت جي سهولتن کان فائديمند ٿيندا.