لاڙڪاڻي ويجهو ٻن گاڏين ۾ ٽڪر، نامياري اديب زاهد جوڻيجو جا ڌيءُ پٽ فوت

0
25
لاڙڪاڻي ويجهو ٻن گاڏين ۾ ٽڪر، نامياري اديب زاهد جوڻيجو جا ڌيءُ پٽ فوت
لاڙڪاڻي ويجهو ٻن گاڏين ۾ ٽڪر، نامياري اديب زاهد جوڻيجو جا ڌيءُ پٽ فوت

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد هاءِ ڪورٽ روڊ تي تيز رفتار ٻن گاڏين وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن نتيجي ۾ ڪار سوار ڳوٺ ڌامراهه واسي ناليواري شخصيت، اديب ۽ ڪهاڻيڪار زاهد حسين جوڻيجو جو 30 ورهين جو نوجوان پٽ مجيب الرحمان جوڻيجو سندس نوجوان نياڻي بچل خاتون جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي گاڏي جي ڊرائيور پرويز ٻرڙو کي گرفتار ڪرڻ بعد زخمي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج دوران ٻئي ڀاءُ ڀيڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ان موقعي تي فوتين جي وارثن ٻڌايو ته مجيب الرحمان جوڻيجو پنهنجي ڀيڻ بچل خاتون سان گڏجي ڪار ۾ چڙهي لاڙڪاڻو شهر گهمڻ لاءِ ويا هئا جتي هاءِ ڪورٽ روڊ تي تيز رفتار ايم جي گاڏي جو سندن ڪار سان آمهون سامهون ٽڪر  ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾  ٻئي ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا آهن. ان حوالي سان رحمت پور ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مگسي ذات سان واسطو رکندڙ گاڏي ۾ سوار هو جيڪو حادثي بعد گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري گاڏيءَ جي ڊرائيور پرويز ٻرڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي ضروري ڪارروائي بعد فوتي ڀاءُ ڀيڻ جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش کڻائي لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڌامراهه روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو . هوڏانهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي جنازي نماز ڳوٺ ڌامراهه ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن، واپارين، مٽ مائٽن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ فوتين جا مڙهه سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. ٻئي پاسي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن تڏي تي پهچي فوتين جي والد زاهد حسين جوڻيجو ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪري واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو جڏهن ته فوتين جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آهي.