لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان رائيس ڪئنال لوهي پل وٽ پراڻي زميني تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري اسٽيٽ ايجنسي جو ڪاروبار ڪندڙ ڳوٺ نبي داد عمراڻي واسي 45 ورهين جي اڌڙوٽ روشن علي عمراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي ڀائيٽي جاويد علي عمراڻي ٻڌايو ته سندن پنهنجي ئي برادري جي بااثر ماڻهن سان پنجن سالن کان ساڍا ٽي جريب زرعي زمين تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان 22 ڏينهن اڳ بااثرن اسان جي ٽن ورهين جي نينگري دعا بتول عمراڻي کي اغوا ڪري گم ڪرڻ بعد کيس ڇڏي ڏنو هو، هن الزام هڻندي چيو ته بااثرن آصف عمراڻي، گلزار عمراڻي، عاشق عمراڻي، ديدار عمراڻي ۽ ٻين فائرنگ ڪري چاچي کي قتل ڪيو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. ھوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.