لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ لعل بخش بگٽي جي رهواسي آبادگارن ۽ هارين طرفان آبڙي واهه مان نڪرندڙ نظر شاخ ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ ڪوڏر ۽ ڏاٽا کڻي ڌرڻو هڻي آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عبدالڪريم بگٽي، محمد نواز بگٽي، ديدار علي بگٽي، راهب علي بگٽي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ آبڙي واهه جي نظر شاخ مان اسان جي ڳوٺ لعل بخش بگٽيءَ جون زمينون آباد ٿينديون آهن، اسان قرض کڻي لکين رپيا خرچ ڪري پنهنجي زمينن ۾ ساريالو فصل پوکيو آهي، جيڪو فصل هن وقت پچڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي، پر لاڙڪاڻي جي آبپاشي عملي اسان جي نظر شاخ جو پاڻي گذريل 12 ڏينهن کان بنا جواز بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسان جا فصل سڪي سڙي رهيا آهن، اهڙيون شڪايتون اسان آبپاشي عملدارن کي بار بار ڪيون آهن، پر ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي، جيڪڏهن وقت تي پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته اسان جا فصل مڪمل طور سڙي ويندا، جنهن سان اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نظر شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ختم ڪري اسان کي نقصان کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.