لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان ٽيون ريسرچ پوسٽر مقابلو ڊائريڪٽر اورڪ پروفيسر ڊاڪٽر مير حسن کوسو جي ميزباني ۽ وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي صدارت هيٺ ايڊمنسٽريشن بلاڪ آريجا ڪئمپ ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن جو باقاعده افتتاح پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ۽ ٻين گڏجي ربن ڪاٽي ڪيو. پوسٽر مقابلي ۾ چانڊڪا، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج، انسٽيٽيوٽ آف فارميسي، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج، ۽ آءِ پي آر ايس لاڙڪاڻو جي انڊرگريجوئيٽ شاگردن طرفان اٽڪل 100 ريسرچ پوسٽر جڏهن ته يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ پوسٽ گريجوئيٽ اسڪالرن طرفان لڳ ڀڳ 8 ريسرچ پوسٽر پيش ڪيا ويا،وائيس چانسلر يونيورسٽي طرفان فيڪلٽي ۽ شاگردن جي ريسرچ منصوبن جي سھائتا ۽ سندن تحقيقي پيپرن جي ملڪي ۽ غيرملڪي جرنلن ۾ اشاعت ڪرائڻ جو وعدو ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر طرفان بهترين ڪارڪردگي عيوض 11 بهترين ريسرچ پوسٽرن کي في پوسٽر 10، 10 هزار روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.