لاڙڪاڻي واسڻ ناري جو پنهنجي ئي مڙس مٿان اغوا ڪرڻ جو الزام

0
129
لاڙڪاڻي واسڻ ناري جو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي ممتاز ڪالوني جي رهواسڻ ڪائنات ميمڻ پنهنجي ئي مڙس مٿان اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو آهي آهي، ڪائنات ميمڻ دانهيندي چيو آهي ته 5 مهينا اڳ منهنجي شادي عبدالحميد ميمڻ سان ڪرائي وئي هئي جنهن جي اڳ به شادي ٿيل هئي

هن چيو آهي ته شادي بعد عبدالحميد مسلسل مون تي تشدد ڪندو هو، مون کي زهر به ڏنو جنهن جي ميڊيڪل رپورٽ به آئي اهو ڪيس به هلندڙ آهي جنهن بعد مان واپس پنهنجي ڀائرن وٽ آيس ۽ طلاق وٺڻ لاءِ فيملي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي

هن چيو ته ڪالهه عدالت ۾ ٻڌڻي بعد  ڀائرن جي گهر واپس آيس ته عبدالحميد 3 ماڻهن سان گڏجي زبردستي مون کي اغوا ڪري کڻي ويو، جتي پسٽل رکي موبائيل فون تي وڊيو رڪارڊ ڪرايو ته مان ڀائرن سان نه پر ان سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي، جنهن بعد منهنجا ڀائر مڙس جي گهر پهتا جتي منهنجي ڀائرن تي عبدالحميد ميمڻ تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ بعد ۾ الهه آباد ٿاڻي تي منهنجي ڀائرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ويو ته مان وجهه وٺي ڀائرن جي گهر پهتي آهيان

هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪري عبدالحميد ميمڻ ۽ ان جي بااثر ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

ھي وڊيو بھ ڏسندا